ملير : يو سي سيڪريٽري اسسٽنٽ ڪمشنر جي جعلي صحي ڪري لکين رپيا ڪڍرائي ويو

ملير: يونين ڪميٽي جو سيڪريٽري اسسٽنٽ ڪمشنر جي جعلي صحي ڪري اڪائونٽ مان لکين رپيا ڪڍرائي ويو ، يونين ڪميٽي 23 شانتي نگر جي سيڪريٽري ڪفايت جتوئي اسسٽنٽ ڪمشنر جي جعلي صحي ذريعن ٺيڪيدار سان ملي ڀڳت ڪري 21 لک 6 هزار اڻھتر رپيا ڪڍرائي ويو . 5مئي تي ٽن چيڪن وسيلي 8 لک 2 هزار 365 رپيا ڪڍيا ويا، 7 مئي تي 7 لک 96 هزار 215 رپيا، 21 مئي تي 2 لک 67 هزار 455 رپيا جڏھن ته 2 لک 67 هزار 455 رپيا ڪڍيا ويا. اسسٽنٽ ڪمشنر زاهد حسين جوڻيجو سيڪريٽري لوڪل گورنمنٽ کي تحريري شڪايت ۾ لکيو آھي ته يونين ڪميٽي 23 شانتي نگر جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪفايت جتوئي جي وقت ۾ سنڌ بئنڪ يونيورسٽي روڊ برانچ مان عادل اينڊ ڪمپني جي مالڪ غلام حسين جي نالي تي بل ٺاهي پاس ڪري رقم ڪڍرائي وئي. بلديات کاتي جي ڊائريڪٽر 2 يوسي 21 جي سيڪريٽري ڪفايت جتوئي کي معطل ڪري جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي جيڪا هڪ هفتي ۾ انڪوائري ڪري رپورٽ ڏيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔