پاڪستان کي بدستور ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو

اسلام اباد؛ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي گڏجاڻي ۾ پاڪستان جو نالو گري لسٽ ۾ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ايف اي ٽي ايف جي صدر ڊاڪٽر مارڪوس فيصلي جو اعلان ڪندي چيو ته پاڪستان تمام وڏي اڳڀرائي ڪندي 27 مان 26 سفارشون پوريون ڪيون آهن، ان هوندي به پاڪستان کي مالياتي دهشتگردي خلاف اڃان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته 2019ع ۾ ايف اي ٽي ايف پاڪستان جي مني لانڊرنگ قدمن ۾ ڪوتاهين جي نشاندهي ڪئي هئي، جيتوڻيڪ ان بعد ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي پر اڃان به مني لانڊرنگ جو خدشو موجود آهي. ڊاڪٽر مارڪوس چيو ته پاڪستان کي دهشتگردن جي مالي معاونت کي ختم ڪرڻ اڃان وڌيڪ سنجيده قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔