سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 15 فوت، 591 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جون 13348ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان 591 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، جڏهن ته وڌيڪ 15 مريض موت جو شڪار ٿيا، اهڙي ريت فوتين جو ڪل انگ وڌي 5407 ٿي چڪو آهي، اڄ وڌيڪ 600 مريض صحتياب ٿيا، اهڙي ريت صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 310096 تائين پھچي ويو آھي. هن وقت 19524 مريضن جو علاج هلندڙ آهي. 18882 گهرن ۾، 30 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 612 مريضن کي مختلف اسپتالن ۾ علاج ڪيو پيو وڃي، جن مان 556 مريضن جي حالت نازڪ ۽ 59 مريض وينٽيليٽرز تي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔