ايران جو واحد جوهري توانائي پلانٽ بند

تهران : ايران جي سرڪاري ٽي وي ٻڌايو آهي ته ملڪ جي واحد جوهري توانائي پلانٽ کي عارضي طور بند ڪيو ويو آهي.
اهو پهريون ڀيرو آهي ته ايران هنگامي بنيادن تي بوشهر نيوڪليئر پاور پلانٽ کي بند ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي پر اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته پلانٽ کي ڇو بند ڪيو ويو آهي.
اهو جوهري توانائي پلانٽ ايران جي ڏاکڻي سامونڊي شهر بوشهر ۾ موجود آهي، جنهن جي تعمير جو ڪم 1970 ۾ شروع ٿيو هو، پوءِ روس جي مدد سان اهو مڪمل ٿيو هو ۽ 2011 ۾ ان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔