سنڌ ۾ محرومي جو احساس آهي، سازش ڪئي پئي وڃي ته توهان کي دهشتگرد قرار ڏنو وڃي: بلاول ڀٽو

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگره تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پرامن احتجاج جو هر ڪنهن کي حق آهي، ڪندا رهو، آئون به غلط هجان ته منهنجي خلاف به احتجاج ڪريو، اهو توهان جو حق آهي پر ڪنهن ٻئي کي پنهنجي محنت ۽ ڪردار کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏيو، هن قومپرستن جو نالو کڻڻ بدران ساڻ مخاطب ٿيندي چيو ته هڪ ڪوشش ۽ سازش ڪئي پئي وڃي ته توهان کي دهشتگرد قرار ڏنو وڃي. جيئن اسان کي غدار چيو پيو وڃي تيئن توهان کي غدار قرار ڏيڻ جي سازش آهي. هو چاهين ٿا ته سنڌ جا نوجوان جيڪي پنهنجي حق لاءِ احتجاج ڪرڻ ڄاڻن ٿا تن جي سڃاڻپ دهشتگردن واري هجي. اسان ڪنهن کي به الطاف حسين واري سياست واپس آڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين، اسان ڪنهن هڪ ڀاءُ کي ٻئي سان وڙهڻ جي اجازت نه ڏينداسين، اسان جي ذميواري آهي، سنڌ پرامن صوبو آهي، پوري پاڪستان جو عوام هتي رهي ٿو، ڪم ڪن ٿا، اسان کي اهڙا اپاءَ وٺڻا پوندا ته جن کي ورغلايو وڃي ٿو تن کي صحيح رستي تي آندو وڃي، ڏٺو وڃي ته ڪهڙي طريقي سان عوام کي سندن حق ۽ سڪون فراهم ڪري سگهجن ٿا، سنڌ ۾ محرومي جو احساس آهي، اهو ڪنهن هڪ ريئل اسٽيٽ منصوبي نه پر ملڪ ۾ جيترا منصوبا آهن انهن لاءِ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔