سنڌ حڪومت پاران مختلف کاتن جي 37 ڪامورن کي 19هين گريڊ ۾ ترقين جو نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي: سليڪشن بورڊ ٽو جي اجلاس ۾ ڪامورن کي مٿين گريڊ ۾ ترقين جي منظوري بعد سروسز کاتي سنڌ حڪومت پاران مختلف کاتن جي 37 ڪامورن کي 19هين گريڊ ۾ ترقيون ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ثقافت کاتي جا 4 ڊپٽي ڊائريڪٽر حبيب الله ميمڻ، سنتوش ڪمار، زاهد آخوند ۽ شير محمد مهر 19هين گريڊ ۾ ڊائريڪٽر ٿي ويا. قانون کاتي ۾ علي حيدر سليم، اقبال اعواڻ، سردار علي شاھ، شاهد شيخ، شهزادو سليم، سيما اقدس، منتظر مهدي ۽ ظهور شاھ 19هين گريڊ ۾ ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل ٿي ويا. آبپاشي ۾ اشفاق ميمڻ، شڪيل احمد، شعيب سمون ۽ شهباز اختر 19هين گريڊ ۾ سپرينٽنڊنگ انجنيئر ٿي ويا. پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي ۾ شوڪت ميمڻ 19هين گريڊ ۾ سپرينٽنڊنگ انجنيئر طور ترقي ماڻي ورتي. اسٽيوٽا جي مختلف شعبن جي 19 ڄڻن سليم شيخ، نواز سومرو، نصرت اقبال، عباس سومرو، حميد غوري، منير عباسي، محمد اڪرم، شاهده پروين، ڪشور سلطانه، نازش بيگ به مختلف عهدن تي 19هين گريڊ ۾ ترقي ماڻي. شبانه بيگ، فوزيه عابد، انجم لطيف، پرنس لجپال، حمزه چقنڊيو، محمد بخش پنهيار، سريش، ثناالله آرائين ۽ پرتاب راء به اسٽيوٽا جي مختلف شعبن ۾ 19هين گريڊ ۾ ترقي ماڻي ورتي آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔