مرد روبوٽ ته ناهن، عورتون گهٽ ڪپڙا پائينديون ته ان جو اثر به ٿيندو: وزيراعظم جي بيان تي سخت تنقيد

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مرد روبوٽ ته نه آهن، جيڪڏهن عورت گهٽ ڪپڙا پائينديون ته ان جو اثر به ٿيندو. آمريڪي ٽي وي کي هڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان وٽ هتي ڊسڪو يا نائيٽ ڪلب ناهن، هي يورپ کان مڪمل طور تي مختلف معاشرو آهي، جڏهن توهان ماڻهن کي ڀڙڪائيندو ته انهن نوجوانن وٽ ڪنهن هنڌ وڃڻ جي لاءِ جاءِ ناهي ته پوءِ ان جا نتيجا ته نڪرندا. انهي سوال تي ته ڇا عورتن جي لباس جو انتخاب واقعي سندن خلاف جنسي تشدد جو سبب آهي؟ وزيراعظم چيو ته ان جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته اوهان ڪهڙي سماج ۾ رهو پيا. عورتن تي جنسي تشدد بابت ڳالهائيندي عمران خان چيو ته مرد روبوٽ ته ناهي، جيڪڏهن عورت گهٽ ڪپڙا پائي ٿي ته ان جو اثر ته ٿيندو. وزيراعظم جي اهڙي بيان تي سوشل ميڊيا جي صارفين پاران سخت رد عمل ظاهر ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔