توهان جي پيءُ جو پيسو ناهي، بلاول ڀٽو ماڊلنگ نه سياست ڪري: شهباز گل

ڪراچي: وزير اعظم جي خصوصي معاون شهباز گل ڪراچي پهچڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته 5200 ارب سنڌ کي مليا، 18هين ترميم جي روشني ۾ مليل پيسا ايان علي کڻي وئي. جلد اوهان کان حساب وٺي ڏيکارينداسين، هي توهان جي پءُ جو پيسو ناهي، هن چيو ته کين شرم اچڻ گهرجي جو رياست مدينه تي تنقيد ڪن ٿا هاڻ سنڌ ۾ رياست مدينه ٺاهي ڏيکارينداسين. ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته سنڌ کي حصي کان 32 سيڪڙو وڌيڪ رقم جاري ڪئي وئي، اصل ڪرمنل سنڌ جي حڪومت آهي. هن بلاول ڀٽو تي تنقيد ڪندي چيو ته بلاول ڪاغذي شينهن آهي، هو ماڊلنگ نه ڪري سياست ڪري، سندس وزيراعظم بڻجڻ جو ڪو چانس ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔