مهانگائي نه وڌندي ته ملڪ ترقي نه ڪندو: وفاقي وزير پرويز خٽڪ

اسلام آباد: دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ عجيب منطق پيش ڪندي چيو آهي ته مهانگائي ٿيندي ته ملڪ هلندو، مهانگائي نه ٿيندي ته ملڪ رڪجي ويندو. قومي اسيمبلي جَي اجلاس ۾ پرويز خٽڪ چيو ته، هينئر ملڪ ۾ ماڻهن وٽ گاڏيون آهن، غربت ڪٿي آهي؟ پرويز خٽڪ چيو ته چيلينج ڪيان ٿو ته خيبرپختونخوا ۾ رڳو هڪ ڪَچو گهر ڏيکاريو، پوءِ مڃي ويندس ته ملڪ ترقي نه ٿو ڪري، سڀ سرڪاري نوڪري ڪرڻ چاهين ٿا، ڪير به محنت نٿو ڪرڻ چاهي، پرويز خٽڪ جَي بيان تي حڪومتي ميمبرن به ٽهڪ ڏنا، وفاقي وزير پرويز خٽڪ اپوزيشن ليڊر شهبازشريف کي به مناظري جو چئلينج ڪندي چيو ته، پنجاب ۾ شهبازشريف جِي 20 سالن جِي ڪارڪردگي کان خيبرپختونخوا ۾ منهنجَي 5 سالن جِي ڪارڪردگي بهتر آهي، مولانا فضل الرحمان کي دعائن جِي نه، بد دعائن جِي ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔