گمس اسپتال ۾ پھريون ڀيرو بون ميرو ٽرانسپلانٽ جو ڪامياب آپريشن

گمبٽ: گمس اسپتال ۾ پھريون ڀيرو بون ميرو ٽرانسپلانٽ جو ڪامياب آپريشن ڪيو ويو آهي. پنجاب جي بھاولپور جي 21 سالا تحريم جيڪا پلاسٽڪ انيميا جي مرض ۾ ورتل ھئي، تنهن جو ڪامياب ٽرانسپلانٽ ڪيو ويو، جنھن جو ڊونر سندس ڀاءُ 24 سالا شھروب ھو . ڊاڪٽر پرويز ۽ سندس ٽيم ڊاڪٽر فرحان، ڊاڪٽر شھزاد، ڊاڪٽر عائشه ، ڊاڪٽر صفدر کھڙو ۽ ٻين ڪامياب آپريشن ڪيو. ڊائريڪٽر گمس ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي جو چوڻ هو ته بون ميرو ٽرانسپلانٽ مفت ۾ ملڪ ۾ ڪٿي به نه پيو ٿئي جيڪو ھاڻي گمبٽ گمس ۾ مفت ڪيو ويندو، آپريشن تي 30 لک کان مٿي خرچ اچي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔