بلاول هائوس ٻاهران مظاهرين تي نه تشدد ٿيو آهي، نه ئي گرفتاري: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: بلاول هائوس جي ٻاهران احتجاج ۽ پوليس جي مبينا تشدد واري معاملي جو سنڌ جي وڏي وزير نوٽيس ورتو. سنڌ سرڪار جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ حڪومت احتجاج جي حق جو احترام ڪري ٿي. سنڌ جي وڏي وزير احتجاج ۽ مبينا تشدد تي اعليٰ سطح جي ڪميٽي ٺاهي ڇڏي آهي، ڪميٽي سموري صورتحال بابت انڪوائري ڪندي. مرتضيٰ وهاب چيو ته احتجاج هر ماڻهو جو حق آهي پر ٻين کي تڪليف نه ڏيڻ گهرجي. مون ايس ايس پي ڏکڻ سان ڳالهايو آهي جنهن چيو ته پوليس جي طرفان ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهينه ئي پوليس ڪنهن تي تشدد ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔