نصرت سحر عباسي کي تقرير نه ڪرڻ ڏيڻ تان سنڌ اسيمبلي ۾ گوڙ

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ايم پي اي نصرت سحر عباسي کي اسپيڪر پاران تقرير پوري ڪرڻ نه ڏيڻ تان شديد گوڙ ڪيو ويو. نصرت سحر عباسي تقرير شروع ڪندي پ پ حڪومت مٿان سخت تنقيد ڪئي، ان دوران هن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي پڻ سخت تنقيد جو نشانو بڻايو، جنهن تي اسپيڪر کيس روڪيندي چيو ته اهو طئي ٿيو هو ته پارٽي قيادت خلاف نه ڳالهايو ويندو، توهان بجيٽ بابت ڳالهايو پر نصرت سحر پنهنجي ڳالهه جاري رکي جنهن تي اسپيڪر مائيڪ ٻئي ميمبر حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن تي اپوزيشن پاران شديد گوڙ ڪندي نعريبازي ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔