پشتونخواه ملي عوامي پارٽي جو سينيئر اڳواڻ عثمان ڪاڪڙ لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي: پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جو سينيئر اڳواڻ عثمان خان ڪاڪڙ فوت ٿي ويو.عثمان ڪاڪڙ جي وفات جي تصديق ڪندي ڪي ڪي ميپ جي ترجمان رضا محمد رضا جو چوڻ آهي ته عثمان ڪاڪڙ ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽر سليم مانڊي والا چيو آهي ته فنانس بابت سينيٽ ڪميٽي جي اجلاس ۾ عثمان خان ڪاڪڙ جي لاڏاڻي جي خبر ملي، جتي سندس روح لاءِ فاتح خواني پڻ ڪئي وئي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ عثمان ڪاڪڙ ڪوئيٽا ۾ پنهنجي گهر ۾ ڪري سخت زخمي ٿي پيو هو. عثمان ڪاڪڙ کي اسپتال پهچايو ويو جتي هو آءِ سي يو ۾ هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔