ڪراچي جي نسلا ٽاور ڪيرائڻ جو لکت ۾ حڪم نامو جاري

ڪراچي: سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري نسلا ٽاور ڪيرائڻ جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. حڪم نامي ۾ چيل آهي ته عدالت نسلا ٽاور سان لاڳاپيل سمورن ادارن جي دستاويزن جو جائزو ورتو، رڪارڊ موجب نسلا ٽاور قبضو ڪيل زمين تي قائم ڪيو ويو، ان جي تعمير سان سروس روڊ به بند ٿي ويو. اهڙي غيرقانوني اڏاوتن تي ڪابه رعايت نٿي ڪري سگهجي. ڪمشنر ڪراچي نسلا ٽاور بلڊنگ کي فوري طور تحويل ۾ وٺي، نسلا ٽاور رهائشين کان خالي ڪرايو وڃي، جنهن بعد جيترو جلد ممڪن هجي ٽاور ڪيرايو وڃي. نسله ٽاور جا مالڪ فليٽن، دڪاندارن کي رقم ٽن مهينن اندر واپس ڪن، الاٽيز کي رقم ملڻ ۾ دير ٿئي ته اهي مارڪ اپ جي به دعويٰ ڪري سگهن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔