سنڌ جو عوام چونڊن ۾ قومپرستن کي رد ڪري چڪو آهي:مرتضيٰ وھاب

ڪراچي: سنڌ جو عوام چونڊن ۾ قومپرستن کي رد ڪري چڪو آهي، قومپرست ڊگهي عرصي کان بيروزگار هئا، تنهن ڪري اهو سڄو ڪم ڪيو اٿن، قانون ۾ رهي جيئن وڻي تيئن ڪريو، قانون هٿ ۾ کڻندئو ۽ پاڪستان خلاف نعرا هڻندئو ته قانون حرڪت ۾ ايندو، سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب قومپرستن، پي ٽي آءِ ۽ متحده پاڪستان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اسان ٻيٽن جي معاملي تي وفاق کان وڌيڪ اٽل آهيون، ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، پي ٽي آءِ، متحده ۽ سندن ساٿين کي ٻيٽن تي چائنا ڪٽنگ ڪرڻ نه ڏينداسين، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهين دوران مرتضيٰ وهاب پي ايس ايل ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي شاهنواز ڏاهاڻي کي مبارڪون ڏنيون، مرتضيٰ وهاب چيو ته شاهنواز ڏاهاڻي ثابت ڪيو ته جڏهن به موقعو ملندوآهي، سنڌ پاڪستان جو نالو روشن ڪندي آهي، شاهنواز ڏاهاڻي سنڌ سان گڏ سڄي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي…….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔