سنڌ ۾ ڪورونا ويڪسين کٽي وئي، سڀاڻي کان سينٽر بند ڪيا ويندا

ڪراچي: وڏي وزير جي صدارت ۾ ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ويڪسين جي کوٽ بابت بريفنگ ڌني وئي، ويڪسين ملڻ تائين سڀاڻي کان سمورا سينٽر بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. صحت کاتي جي وزير بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هن وقت تائين 32 لک 43 هزار 988 ڊوز مليا، جن مان 28 لک 73 هزار 857 استعمال ڪري چڪا آهيون. ڊاڪٽر عذره پيچوهو چيو ته رڳو 3 لک 70 هزار 141 ڊوز اسٽاڪ پيل آهن، وفاقي حڪومت چيو آهي ته اسپوٽنڪ ويڪسين جون جي آخري هفتي يا جولاءِ جي پهرين هفتي ۾ سنڌ وٽ پهچندي. وڏي وزير چيو ته ويڪسين مناسب تعداد ۾ ملڻ تائين سينٽر بند ڪيا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔