پاڪ افغان سرحد ڀرسان دهشتگردن جي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام، 15 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي:  سيڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد ڀرسان دهشتگردن جي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بنائي ڇڏي ڇڏي. آپريشن دوران ڀارتي سرپرست يافته 15 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب فتنته الخوارج جي دهشتگردن پاڪ افغان سرحد جي ڀرسان ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي سيڪيورٽي فورسز پيشه وارانه انداز ۾ ڪاميابي سان نشانو بنايو.

آئي ايس پي آر ٻڌايو ته فتنته الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪارروائي 36 ڪلاڪ جاري رهي  مارجي ويل خوارج دهشتگردن کان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ آيو.

آئي ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگرد ملڪ ۾ امن، استحڪام کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، افغان طالبان حڪومت دهشتگرد تنظيم کي افغان زمين استعمال ڪرڻ کان روڪڻ، موثر سرحدي انتظام يقيني بنائڻ ۽ پنهنجي عالمي ذميوارين کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.

آئي ايس پي آر چيو ته سيڪيورٽي فورسز ملڪي سرحدن جي دفاع لاءِ پرعزم آهي، ڀارتي سرپرستي يافته خارجين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، پرڏيهي سرپرست ۽ حمايت يافته دهشتگردي ختم ڪرڻ جي لاءِ دهشتگردي جي خاتمي واري مهم جاري رهندي.

 

تبصرے بند ہیں۔