بزدل ناهيو ته منهنجي تقرير ٻڌي پوءِ وڃو: حماد اظهر جو شهباز شريف ۽ بلاول کي چيلينج

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي تقرير کانپوءِ جيئن ئي پي ٽي آءِ جي حماد اظهر تقرير ڪرڻ شروع ڪئي ته شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو ايوان مان اٿي وڃڻ لڳا، جنهن تي حماد اظهر کين چيو ته بزدل ناهيو ته منهنجي تقرير ٻڌي پوءِ وڃو، جي همت اٿو ته ويهو ۽ منهنجي تقرير ٻڌو. هن چيو ته بلاول ڪڏهن اردو ڳالهائيندو آهي ۽ ڪڏهن انگريزي، منهن چٻو ڪري انگريزي ڳالهائڻ سان داغ نٿا ڌوپجي سگهجن. هن چيو ته منهنجو چيلينج قبول نه ڪيو ويو، هي جانورن جا انگ ڳڻائن پيا، هاڻي اٿي هليا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔