اٺاويھ گھروارين جي موجودگي ۾ 37ھين شادي ڪندڙ شخص

ڪراچي: 4 کان پنج شاديون ڪرڻ جون ڳالھيون تھ ٻڌيون وينديون آھن پر ھڪ شخص پنھنجي ٻن درجن کان وڌيڪ گھروارين جي سامھون 37ھين شادي رچائي ورتي آھي، ٽوئيٽر تي ھن ڏينھن ۾ ھڪ پيرسن شخص جي 37ھين شادي جي وڊيو وائرل ٿي آھي، وڊيو ۾ ھڪ پيرسن شخص کي خوبصورت ڪنوار سان گڏ ڏسي سگھجي ٿو، وڊيو ۾ دعويٰ ڪئي وئي آھي تھ شادي ڪندڙ شخص جي ھي 37ھين شادي آھي، جنھن جون اڳ ۾ 28 گھرواريون، 135 ٻار ۽ 126 پوٽا پوٽيون آھن جن جي موجودگي ۾ ھُن شادي ڪئي آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔