سپريم ڪورٽ پاران ڪراچي ۾ سمورين سرڪاري زمينن تان قبضا ڇڏائڻ جو حڪم

ڪراچي : سپريم ڪورٽ چيو آھي تھ سنڌ جو روينيو کاتو ڪرپٽ ادارو آهي، ڪراچي ۽ سنڌ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ سمورين سرڪاري زمينن تان قبضا ڇڏائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو کان ٽن مهينن ۾ رپورٽ طلب، ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن واري ڪيس تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته روينيو جو ادارو اربين رُپيا ٺاهي رهيو آهي، اسان سڀ رپورٽس ڏٺيون آهن، ڏيکاءُ ۾ ڪارروائيون ڪري بعد ۾ عمارتون ٺاهيون، ڪي ايم سي ڪراچي جو ماسٽر پلان ئي ناهي، اڌ ڪراچي سروي نمبر تي هلي رهيو آهي، ڪي ڊي اي وٽ به ڪو ماسٽر پلان ناهي، يونيورسٽي روڊ تي 15-15 ماڙ عمارتون آهن، ملير ۾ اونچيون عمارت ٺاهي ڇڏيون، سپر هاءِ وي تي ايڪڙ جي حساب سان اڏيل ڀتيون ڪير ڊاهيندو؟ زمينن جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ نه ٿيو ته سييئر ميمبر روينيو بورڊ ۽ لاڳاپيل آفيسرز خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔