تهران (ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۽ اسرائيل جي ميزائل حملي ۾ شهيد ٿيل ايران جي اڳوڻي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي جي آخري رسمن جو باقاعده آغاز، سندن شهادت کان چار مهينن کان وڌيڪ عرصي کان پوءِ، تهران جي وڏي مذهبي ۽ ثقافتي مرڪز امام خميني مصليٰ مان ٿي ويو آهي.
ان موقعي تي هزارين سوڳوارن جي موجودگيءَ ۾ آيت الله خامنه اي جو تابوت ان مرڪز ۾ آندو ويو. آيت الله علي خامنائي جي تجهيز ۽ تدفين جون تقريبون 9 جولاءِ تائين جاري رهنديون. سندن خاندان جي تدفين واري تقريب جي منتظمن ايران ۽ عراق جي مختلف شهرن ۾ به ڪيترين تقريبن جو اعلان ڪيو آهي.
انهن ستن ڏينهن تي پکڙيل تقريبن جي انعقاد لاءِ سپاه پاسداران انقلاب، سيڪيورٽي ادارن ۽ مختلف سرڪاري کاتن کي مڪمل طور تي سرگرم ڪيو ويو آهي.
آيت الله علي خامنائي جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ مختلف ملڪن جا سرڪاري وفد به تهران پهچڻ جو سلسلو جاري آهي.
پاڪستان مان ڪير ڪير شرڪت ڪري رهيو آهي؟
وزيراعظم شهباز شريف، فيلد مارشل عاصم مني، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اياز صادق، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات وارو وزير عطاءُ الله تارڙ، پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پارٽي جو سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري ۽ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه پڻ جمعي تي منجهند جو شروع ڪيل آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي ۽ مرحوم جي بّشش لاءِ خصوصي دعائيه تقريب ۾ شريڪ ٿيا.
وزيراعظم آفيس وڌيڪ چيو ته ايران جو دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ وزيراعظم ترڪيه روانا ٿيندا. ان کان اڳ، سينيٽ جي چيئرمين يوسف رضا گيلاني پڻ هڪ اعليٰ سطحي وفد سان تهران پهتو، جتي هن جنازي نماز ۽ تدفين جي تقريبن ۾ شرڪت ڪئي ايراني صدر سان ملاقات به ڪئي.
ايراني صدر مسعود پزشڪيان، پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف ۽ عدليه جي سربراهه غلام حسين محسني سميت ملڪ جي اعليٰ عملدارن عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو وڏي انگ ۾ انهن تقريبن ۾ شرڪت ڪن.
تهران ۾ تقريبن جي نگراني ڪندڙ سپاه پاسداران جي سينيئر ڪمانڊر برگيڊيئر جنرل حسن حسن زاده چيو ته حڪومت کي اميد آهي ته تقريبن ۾ هڪ ڪروڙ 20 لک کان هڪ ڪروڙ 50 لک ماڻهو شرڪت ڪندا، جڏهن ته اهو انگ ٻن ڪروڙن تائين به ٿي سگهي ٿو.
تقريبن کان اڳ عملدارن ٻڌايو ته زائرين جي سهولت لاءِ قائم ڪيل هزارين خدمتي مرڪزن، ڪئمپن ۽ استقباليه مرڪزن جي رجسٽريشن مڪمل ٿي چڪي آهي.
هڪ لک نه، پر 10 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي رهائش جا انتظام ڪيا ويا آهن، جڏهن ته تهران جي مرڪزي علائقن ۾ هجوم جي رواني برقرار رکڻ لاءِ هڪ خاص “شهري راهداري” منصوبو پڻ تيار ڪيو ويو آهي.
تهران ۾ سپاه محمد رسول الله انهن تقريبن جي عملي انتظامن جي ذميوار آهي، جڏهن ته حڪومت ۽ ٻيا سرڪاري ادارا پڻ تيارين ۽ انعقاد ۾ حصو وٺي رهيا آهن. منتظمن جو چوڻ آهي ته انهن تقريبن جي پيماني، انتظامي سطح ۽ تيارين جو ماضي ۾ ٿيل ڪنهن به تقريب سان مقابلو نٿو ڪري سگهجي.
ڪيترائي اهم سوال اڃا به بي جواب آهن
جيتوڻيڪ تقريبن بابت تفصيلي اعلان ڪيا ويا آهن، پر ڪيترائي اهم سوال اڃا تائين جواب طلب آهن. انهن مان سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته ڇا ايران جي ٽئين امڪاني سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنائي پنهنجي والد جي تدفين واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو يا نه؟ ساڳي ريت اهو به واضح ناهي ته آيت الله علي خامنائي جا ٻيا ٻار به انهن تقريبن ۾ شرڪت ڪندا يا نه.
گذريل سال 12 ڏينهن واري جنگ کان پوءِ سندن پٽ ڪنهن به عوامي تقريب ۾ نظر نه آيا هئا، جڏهن ته 40 ڏينهن واري جنگ دوران به سندن حالت بابت ڪا واضح معلومات سامهون نه آئي.
اهي سڀ ابهام اهڙي پسمنظر ۾ سامهون اچي رهيا آهن، جڏهن ڪجهه مهينا اڳ آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي ۾ ايران جي سپريم ليڊر سان گڏ سندن خاندان جا ڪيترائي فرد پڻ شهيد ٿي ويا هئا. انهن ۾ سندن ناٺي، هڪ پوٽو، هڪ ڌيءَ ۽ مجتبيٰ خامنه اي جي گهرواري پڻ شامل هئي. تازو آيت الله علي خامنائي جي گهرواري جي ڀاءُ حسن خجسته باقرزاده هڪ ٽي وي پروگرام دوران عوام کان “رهبر جي ٻي ڌيءَ” لاءِ دعا ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي.
سندس چوڻ هو ته هوءَ “ڄڻ ته ريگستان ۾ اڪيلي پيل آهي”، پر هن سندس زخمن يا صحت بابت وڌيڪ تفصيل نه ڏنا، جنهن کان پوءِ خاندان جي ڪجهه فردن جي صحت بابت وڌيڪ قياس آرائيون شروع ٿي ويون.
آيت الله علي خامنائي جا چار پٽ ۽ ٻه ڌيئرون هيون.
سندن ڌيءَ بشريٰ خامنائي حملي واري ڏينهن ئي شهيد ٿي وئي هئي. انهيءَ ڪري مبصرن جو خيال آهي ته حسن خجسته باقرزاده جو اشارو غالباً هديٰ خامنائي ڏانهن هو، جنهن جو مڙس مصباح الهديٰ باقري ڪني پڻ ساڳئي ڏينهن شهيد ٿيو هو.
گذريل ڪجهه مهينن دوران مجتبيٰ خامنائي جي صحت ۽ علاج بابت مختلف ۽ هڪ ٻئي سان ٽڪراءُ رکندڙ خبرون سامهون اينديون رهيون. پر تدفين جي تقريبن واري ڪميٽي جي سيڪريٽري علي اڪبر پورجمشيديان پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته مجتبيٰ خامنائي جي شرڪت بابت فيصلي جو معاملو “تقريبن واري ڪميٽي جي اختيارن يا معلومات جي دائري ۾ نٿو اچي.” هن چيو ته جيڪڏهن مجتبيٰ خامنائي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ جو فيصلو ڪندو ته ان بابت نه عوام ۽ نه ئي ميڊيا کي ڪو ٻيو ادارو اطلاع ڏيندو، پر صرف رهبر انقلاب جي آفيس يا فوج جي اعليٰ ڪمان جي آفيس طرفان سرڪاري اعلان ڪيو ويندو.
ٻئي طرف اڃا تائين اهو به واضح ناهي ته آيت الله علي خامنائي جي جنازي نماز ڪير پڙهائيندو. شيعه مذهبي روايت، خاص طور تي مراجع تقليد جي حلقن ۾، نماز جنازه پڙهائيندڙ شخص جو انتخاب صرف مذهبي معاملو نه، پر علامتي ۽ سياسي اهميت پڻ رکي ٿو.
ڪجهه مبصرن جو خيال آهي ته جيڪڏهن مجتبيٰ خامنائي ڪيترن ئي مهينن جي غيرحاضري کان پوءِ عوام آڏو اچي جنازي نماز جي امامت ڪري ٿو ته ان جا مختلف سياسي مطلب ڪڍيا ويندا.
تنهن هوندي به آيت الله علي خامنائي جي وصيت جا تفصيل سرڪاري طور تي اڃا تائين ظاهر نه ڪيا ويا آهن، تنهن ڪري هن معاملي تي في الحال يقين سان ڪجهه چوڻ ممڪن ناهي.
مشهد جي امام جمعه احمد علم الهديٰ گذريل مهيني چيو هو: “اسان کي آيت الله علي خامنه اي جي وصيت بابت ڪا به ڄاڻ ناهي، ۽ اها وصيت سندن پٽن وٽ موجود آهي.”
غير ملڪي مهمان ۽ جنازي جي تقريبن جو مڪمل شيڊيول
سياسي، مذهبي ۽ سيڪيورٽي شخصيتن جي اها وڏي موجودگي، جيڪا هن تقريب ۾ شرڪت لاءِ تهران پهچندي، تقريب جو هڪ اهم ۽ ڌيان جوڳو پهلو سمجهي وڃي ٿي. ڪجهه مبصرن جو خيال آهي ته ڪجهه ملڪن جي غيرحاضري به ايتري ئي اهم هوندي، جيتري ٻين ملڪن جي نمائندن جي شرڪت.
قومي تقريبن واري ڪميٽي جي سيڪريٽري موجب، درجنين ملڪن جي اعليٰ عملدارن ۽ اهم شخصيتن تقريب ۾ شرڪت جي رضامندي ظاهر ڪئي آهي. ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني چيو آهي ته مختلف ملڪن جا صدر، پارليامينٽن جا اسپيڪر، وزيراعظم ۽ وزير تقريب ۾ شرڪت ڪندا.
سرڪاري عملدارن جو چوڻ آهي ته تقريبن جي ڪوريج لاءِ 800 پرڏيهي صحافي تهران پهچي رهيا آهن.
تدفين جون تقريبون ڪيئن منعقد ٿينديون؟
لاڳاپيل عملدارن پاران جاري ڪيل شيڊيول موجب، آخري رسمن جون تقريبون ڪيترن ئي مرحلن ۽ لڳاتار ڪيترن ئي ڏينهن تائين جاري رهنديون.
3 جولاءِ: عالمي خراجِ عقيدت جي تقريب
3 جولاءِ تي عالمي خراجِ عقيدت جي هڪ تقريب منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جا اڳواڻ هڪ خصوصي تقريب دوران آيت الله علي خامنه اي کي ڀيٽا پيش ڪندا.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي موجب، پرڏيهي عوامي وفدن لاءِ تقريبون مقامي وقت موجب صبح 8 وڳي شروع ٿينديون، جڏهن ته مختلف ملڪن جا اعليٰ عملدار منجهند 2 وڳي پنهنجو خراجِ عقيدت پيش ڪندا.
تهران جي سپاه محمد رسول الله جي ڪمانڊر حسن حسن زاده، جيڪو تقريب جو بنيادي ذميوار پڻ آهي، چيو ته آيت الله علي خامنه اي جو تابوت هڪ اوچي هنڌ تي رکيو ويندو، جيئن مختلف پاسن کان ايندڙ ماڻهو آساني سان ان جي آخري ديدار ڪري سگهن.
سندس چوڻ هو ته ماڻهن جي اچ وڃ جو نظام اهڙي نموني ترتيب ڏنو ويو آهي، جو هر ماڻهو تقريباً 15 کان 20 منٽن اندر اندر آخري ديدار ڪري ٻاهر نڪري سگهي.
4 ۽ 5 جولاءِ: عوامي الوداعي تقريب
تهران جي وڏي مذهبي ۽ ثقافتي مرڪز گرينڊ مصليٰ ۾ ٻن ڏينهن تي مشتمل عوامي الوداعي تقريب منعقد ڪئي ويندي. 4 جولاءِ تي صبح 6 وڳي دروازا کوليا ويندا، جڏهن ته 5 جولاءِ تي رات 8 وڳي بند ڪيا ويندا.
مرڪزي نماز جنازه 5 جولاءِ جي صبح ادا ڪئي ويندي.
آيت الله علي خامنائي سان گڏ سندن شهيد ٿيل خاندان جي ٻين فردن جا تابوت پڻ عوام جي آخري ديدار لاءِ رکيا ويندا. جن ۾ سندن ڌيءَ بشريٰ حسيني خامنائي، سندن ننهن زهرا حداد عادل (مجتبيٰ خامنه اي جي گهرواري)، سندن ناٺي مصباح الهديٰ باقري، سندن ڏوهٽي زهرا محمدي شامل آهن.
6 جولاءِ: تهران ۾ جنازي جو جلوس
6 جولاءِ تي جنازي جو جلوس صبح 6 وڳي شروع ٿيندو. منتظمن گاديءَ واري شهر ۾ هڪ ڊگهو ۽ مختلف رستن تي ٻڌل روٽ چونڊيو آهي، ڇاڪاڻته سندن چوڻ آهي ته امڪاني طور تي لکين ماڻهن جي موجودگي سبب هڪ ئي روڊ ڪافي نه ٿيندو. عملدارن کي اميد آهي ته شام تائين جنازي جو جلوس مڪمل ٿي ويندو.
7 جولاءِ: قم ۾ جنازي جي تقريب
7 جولاءِ تي ايران جي مذهبي مرڪز قم ۾ جنازي جو جلوس صبح لڳ ڀڳ 5 وڳي شروع ٿيندو. جمڪران مسجد اندر هڪ سينيئر شيعه عالم جنازي نماز پڙهائيندو.
8 جولاءِ: نجف ۽ ڪربلا ۾ جنازي جا جلوس
عراق ۾ ايران جي ثقافتي اتاشي غلام رضا اباذري موجب، آيت الله علي خامنائي جو لاش 7 جولاءِ جي شام نجف پهچايو ويندو.
ايران واپس آڻڻ کان اڳ 8 جولاءِ تي: نجف ۾ صبح 6 وڳي جنازي جو جلوس ڪڍيو ويندو. ڪربلا ۾ شام 4 وڳي جنازي جو جلوس منعقد ٿيندو.
9 جولاءِ: مشهد ۾ تدفين
آيت الله علي خامنائي کي اتر اوڀر ايران جي شهر مشهد ۾ شيعن جي اٺين امام، امام رضا عليه السلام جي روضي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو.
نجف ۽ ڪربلا سان روحاني وابستگي
آيت الله علي خامنائي پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ صرف ٻه ڀيرا عراق ويا هئا. پهريون ڀيرو 7 سالن جي عمر ۾، ۽ ٻيو ڀيرو 18 سالن جي عمر ۾. ان کان پوءِ هو ٻيهر نه نجف ويا ۽ نه ئي ڪربلا. اعلان ڪيل پروگرام موجب سندن لاش نجف ايئرپورٽ وسيلي عراق پهچايو ويندو. نجف ۾ شيعن جي مقدس روضن وٽ جنازي جي رسمن کان پوءِ تقريبون ڪربلا منتقل ٿينديون، جتان وري لاش نجف وسيلي واپس ايران آندو ويندو.
ايراني حڪومت جو چوڻ آهي ته عراق ۾ اهي تقريبون مختلف عراقي مذهبي ۽ سماجي گروهن جي درخواست تي رٿيون ويون آهن، ۽ انهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي مذهبي لاڳاپن ۽ سرحدن کان مٿانهين روحاني وابستگي کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڪجهه تجزيه نگارن موجب نجف ۽ ڪربلا ۾ جنازي جون تقريبون منعقد ڪرڻ جو مقصد شيعه دنيا ۾ آيت الله علي خامنه اي جي بين الاقوامي مذهبي حيثيت کي نمايان ڪرڻ پڻ آهي. ٻين مبصرن جو خيال آهي ته اها ايران جي مذهبي ۽ سياسي اثر رسوخ کي شيعه دنيا جي اهم ترين مرڪزن ۾ برقرار رکڻ ۽ ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش پڻ آهي.
ايران جي پرڏيهي وزير، جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ انهن تقريبن جي هم آهنگي لاءِ بغداد ويو هو، چيو ته نجف ۽ ڪربلا ۾ تقريبون منعقد ٿيڻ ان ڳالهه جي علامت آهي ته آيت الله علي خامنه اي جو اثر ۽ احترام ايران جي سرحدن کان ٻاهر به شيعن ۾ موجود آهي.
ساڳئي تناظر ۾ ڪجهه ايراني عملدارن انهن تقريبن کي “ٻن قومن جي گهري لاڳاپي” جي علامت قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته اهي خطي ۾ هڪ وسيع مذهبي ۽ سياسي سلسلي جو حصو آهن.
عراقي حڪومت به انهن تقريبن جي اهم منتظمن مان هڪ آهي.
اطلاعن موجب، تقريبون عراقي وزيراعظم جي آفيس جي سڌي نگراني هيٺ، مختلف وزارتن ۽ سرڪاري ادارن جي سهڪار سان منعقد ڪيون وينديون. ڪجهه عراقي عملدارن ان ميزباني کي “تاريخي اعزاز” قرار ڏيندي چيو آهي ته انتظامي، خدمتي ۽ سيڪيورٽي جا سڀ وسيلا ان مقصد لاءِ استعمال ڪيا ويندا.
ايراني خبرون ڏيندڙ اداري مهر موجب، نجف ۽ ڪربلا جا گورنر، عراق جون ٽرانسپورٽ، گهرو ۽ پرڏيهي وزارتون، الحشد الشعبي تنظيم ۽ وزيراعظم جي آفيس انهن ادارن ۾ شامل آهن، جيڪي تقريبن جي تيارين ۽ هم آهنگي جا ذميوار آهن.
مشهد ۾ تدفين، چاليهي جون تقريبون ۽ سياسي اهميت
تهران، قم، نجف ۽ ڪربلا ۾ ٿيندڙ تقريبن کان پوءِ آخري مرحلو مشهد ۾ منعقد ٿيندو، جتي آيت الله علي خامنائي کي شيعن جي اٺين امام، امام رضا عليه السلام جي روضي ۾ سپردِ خاڪ ڪيو ويندو.
منتظمن اعلان ڪيو آهي ته تدفين کان پوءِ 40 ڏينهن تائين ايران جي مختلف صوبن ۾ مذهبي اجتماع، دعائون ۽ عبادتون جاري رهنديون.
ان کان علاوه، تدفين جي پهرين ورسي تائين مختلف مذهبي، علمي ۽ سياسي تقريبن، سيمينارن ۽ ڪانفرنسن جو پڻ اهتمام ڪيو ويندو.
سياسي ۽ سماجي چئلينجن جي وچ ۾ تقريبون
آيت الله علي خامنائي جي تدفين جون تقريبون اهڙي وقت ٿي رهيون آهن، جڏهن ايران کي ڪيترن ئي سياسي ۽ سماجي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
ڪجهه تجزيه نگارن موجب، گذريل مهينن دوران ملڪ ۾ ٿيندڙ احتجاجن ۽ انهن خلاف حڪومتي ڪريڪ ڊائون سبب اهو بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن کي هو “جواز جو بحران” (Legitimacy Crisis) قرار ڏين ٿا.
انهن جو چوڻ آهي ته نظرياتي نظامن ۾ اهڙن اڳواڻن جي جنازي جون تقريبون صرف سوڳ يا ماتم تائين محدود نه هونديون آهن، پر اهي قومي اتحاد جي اظهار، رياستي بيانيي جي تجديد ۽ اهم سياسي پيغامن جي ترسيل جو به ذريعو بڻجنديون آهن. انهيءَ ڪري، سندن خيال ۾ آيت الله علي خامنائي جي تدفين جون تقريبون مذهبي هجڻ سان گڏ سياسي طور به وڏي اهميت رکن ٿيون.
اقتدار جي منتقلي بابت اشارا
ڪجهه مبصرن جو چوڻ آهي ته اهي تقريبون ايران ۾ اقتدار جي منتقلي ۽ آيت الله علي خامنه اي کان پوءِ قائم ٿيندڙ سياسي نظام جي استحڪام ۾ علامتي ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.
ٻين تجزيه نگارن موجب، حڪومت لاءِ اهي تقريبون عوامي حمايت، سياسي متحرڪ سازي ۽ رياستي طاقت جي نمائش جو موقعو پڻ آهن. سندن خيال آهي ته اهڙيون تقريبون اقتدار جي منتقلي جي عمل کي وڌيڪ منظم ۽ مستحڪم ڏيکارڻ ۾ مددگار ٿي سگهن ٿيون.
“مجتبيٰ خامنائي سان تجديدِ بيعت”
ڪجهه مبصرن انهن تقريبن کي “مجتبيٰ خامنائي سان تجديدِ بيعت” جو نالو پڻ ڏنو آهي. انهن جو خيال آهي ته جيڪڏهن مجتبيٰ خامنائي عوامي سطح تي نمايان انداز ۾ ظاهر ٿئي ٿو ته اهو ايران جي مستقبل جي سياسي قيادت بابت هڪ اهم علامتي اشارو سمجهيو وڃي سگهي ٿو.
هرڪو ان راءِ سان متفق ناهي
تنهن هوندي به، ڪجهه سياسي تجزيه نگار ان ڳالهه تي زور ڏين ٿا ته اهڙين وڏين تقريبن جو انعقاد لازمي طور تي ملڪ جي گهرن سياسي يا سماجي مسئلن جو حل نٿو بڻجي. سندن چوڻ آهي ته اهڙيون تقريبون حڪومت ۽ سماج جي ڪجهه طبقن جي وچ ۾ موجود اختلافن يا وڇوٽي کي پاڻمرادو ختم نٿيون ڪري سگهن.
عالمي ڌيان اقتدار جي منتقلي تي
ساڳئي وقت، اهي تقريبون اهڙي ماحول ۾ ٿي رهيون آهن، جڏهن ڪيترن ئي ملڪي ۽ عالمي مبصرن جي نظر ايران ۾ اقتدار جي منتقلي جي طريقيڪار، سياسي قوتن جي نئين صف بندي ۽ گذريل مهينن جي تبديلين بابت عوامي ردعمل تي مرڪوز آهي.
انهيءَ سبب ڪيترائي تجزيه نگار انهن تقريبن کي رڳو سوڳ جي رسم نه، پر هڪ اهڙي اهم سياسي واقعي طور ڏسي رهيا آهن، جيڪو آيت الله علي خامنائي کان پوءِ ايران جي سياسي مستقبل، اقتدار جي ورهاست ۽ حڪومتي رخ بابت اهم اشارا ڏئي سگهي ٿو.
تبصرے بند ہیں۔