حيدرآباد:حڪومت غير قانوني طور تي رهندڙ افغان شهرين خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ترجمان موجب، حيدرآباد پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪيون، جنهن دوران 14 مشڪوڪ ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو. حراست ۾ ورتل ماڻهن کي هولڊنگ سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي. ترجمان ٻڌايو ته سڀني ماڻهن جي دستاويزن ۽ سڃاڻپ جي جاچ جاري آهي، ويريفڪيشن (تصديق) مڪمل ٿيڻ تائين اهي سڀئي ماڻهو هولڊنگ سينٽر ۾ ئي رهندا ۽ قانوني تقاضا پورا نه ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. پوليس ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪارروايون حڪومتي هدايتن موجب جاري آهن، غير قانوني رهندڙ ماڻهن جي نشاندهي ۽ تصديق جو عمل تيز ڪيو ويو آهي، ۽ ويريفڪيشن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.
تبصرے بند ہیں۔