اسلام آباد: ايڇ اي سي (ايڇ اِي سي) هڪ وڏو قدم کڻندي آمريڪا جي نامور يونيورسٽين ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ اسڪالرشپس جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هائر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) ”آمريڪا-پاڪستان نالج ڪوريڊور“ پروگرام تحت 2027ع جي داخلائن لاءِ آمريڪا جي ڪيو ايس (QS) ورلڊ رينڪنگ ۾ شامل ٽاپ 100 يونيورسٽين ۾ پي ايڇ ڊي اسڪالرشپس لاءِ پاڪستاني شاگردن کان آن لائن درخواستون گهري ورتيون آهن.ايڇ اي سي موجب، هيءَ اسڪالرشپ صرف پي ايڇ ڊي پروگرام لاءِ مخصوص آهي، جڏهن ته ماسٽرز يا ايم ايس کان پي ايڇ ڊي (MS to PhD) پروگرام ان ۾ شامل نه هوندا. ترجيح انهن اميدوارن کي ڏني ويندي جن کي ايڇ اي سي جي ترجيحي شعبن ۾ آمريڪي يونيورسٽين مان داخلو ملي چڪو هوندو. اعلان موجب، اسپرنگ ۽ سمر 2027ع جي داخلائن لاءِ درخواست جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 30 آڪٽوبر 2026ع آهي، جڏهن ته فال 2027ع جي داخلائن لاءِ آخري تاريخ 30 مارچ 2027ع مقرر ڪئي وئي آهي. درخواستون ايڇ اي سي جي آن لائن اسڪالرشپ پورٽل ذريعي جمع ڪرائي سگهبيون. ايڇ اي سي موجب، اسڪالرشپ کي ٻن درجن (ڪيٽيگريز) ۾ ورهايو ويو آهي پهرين درجي ۾: ڪيو ايس رينڪنگ جي ٽاپ 50 آمريڪي يونيورسٽين ۾ داخلو حاصل ڪندڙ اميدوار شامل هوندا، جن کي يونيورسٽي جي انوائس موجب ٽيوشن في، ساليانو 19,200 آمريڪي ڊالر وظيفو ۽ 2,000 آمريڪي ڊالر سالياني هيلٿ انشورنس فراهم ڪئي ويندي. ٻئي درجي ۾: 51 کان 100 رينڪنگ وارين آمريڪي يونيورسٽين ۾ داخلو وٺندڙ شاگردن کي ساليانو 12,000 آمريڪي ڊالرن تائين ٽيوشن في، 19,200 آمريڪي ڊالر وظيفو ۽ 2,000 آمريڪي ڊالر هيلٿ انشورنس ڏني ويندي.اهليت لاءِ اميدوار جو پاڪستاني يا آزاد ڄمو ڪشمير جو شهري هجڻ، گهٽ ۾ گهٽ 16 سالا تعليم (چار سالا بيچلر ڊگري) مڪمل هجڻ، تعليمي ڪيريئر ۾ ڪا به سيڪنڊ يا ٿرڊ ڊويزن نه هجڻ ۽ ڪنهن ٻئي اسڪالرشپ مان فائدو نه وٺندڙ هجڻ ضروري آهي. عام اميدوارن لاءِ عمر جي حد 35 سال، جڏهن ته سرڪاري ملازمن، سرڪاري يونيورسٽين جي مستقل استادن ۽ منظور ٿيل تحقيقي ادارن جي محققن (ريسريچرز) لاءِ 40 سال مقرر ڪئي وئي آهي. اميدوار لاءِ جي آر اي (GRE) جنرل ۾ گهٽ ۾ گهٽ 300 نمبر يا هائر ايجوڪيشن ايپٽي ٽيوڊ ٽيسٽ (HAT) ۾ گهٽ ۾ گهٽ 60 سيڪڙو اسڪور هجڻ پڻ لازمی آهي. ايڇ اي سي وڌيڪ هدايت ڪئي آهي ته دلچسپي رکندڙ اميدوار تفصيلي معلومات ۽ درخواست جمع ڪرائڻ لاءِ ايڇ اي سي جي ويب سائيٽ ۽ اسڪالرشپ پورٽل سان رابطو ڪن.
تبصرے بند ہیں۔