سنڌ بجيٽ: ملير ايڪسپريس وي ٺهندو، مختلف روڊ منصوبا مڪمل ٿيندا

ڪراچي: پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ملير ايڪسپريس وي ٺهندو جيڪو 38.75 ڪلوميٽر ڊگهو روڊ آهي، هن جو ٺيڪو 27.58 ارب رپين ۾ ڏنو ويو آهي. ڪمپني سائيٽ تي ٽيم موڪلي ڇڏي آهي ۽ ڪم جاري آهي. هن منصوبي سان ڪراچي ۾ ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو. ایم 9۔این 5 لنڪ روڊ پروجيڪٽ 2020ع ۾ شروع ڪيو ويو هي منصوبو پورٽ قاسم، لانڍي، ڪورنگي ۽ اسٽيل ملز جي صنعتي علائقن مان ويندڙ ٽريفڪ کي ملڪ جي مٿين علائقن تائين رسائي جو واپاري ڪوريڊور فراهم ڪري ٿو، منصوبي تي لاڳت جو ڪاٿو 5.5 ارب رپيا ۽ جيڪا ٻولي لڳائي وئي آهي اها 2 ارب رپين کان به گهٽ آهي. ايندڙ ٻن مهينن ۾ هن منصوبي تي ڪم شروع ٿي ويندو. ماڙی پور ايڪسپريس وي ۽ آءِ سي آءِ انٽر چينج ماڙي پور روڊ ۽ لياري ايڪسپريس وي جي ساحلي علائقن کي هڪٻئي سان ڳنڍيندو. هي منصوبو هڪ سال ۾ مڪمل ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔