سنڌ بجيٽ: اسٽيمپ ڊيوٽي ۽ ٽيڪسن جي شرح ۾ گهٽتائي

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ ڪنوينس ۽ مختلف ڪاغذن تي اسٽيمپ ديوٽي جي شرح 2 سيڪڙو مان گهٽائي هڪ سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، ڪرائي تي اسٽيمپ ڊيوٽي پڻ ۾ 2 مان گهٽائي هڪ سيڪڙو ڪئي وئي آهي. غير منقوله جائداد جي وڪري تي اسٽيمپ ڊيوٽي پڻ 2 سيڪڙو مان هڪ سيڪڙو ڪئي وئي آهي. پاور آف اٽارني لاءِ ان جي شرح کي 3 سيڪڙو (خريداري جي رقم) مان گهٽائي ويليوايشن ٽيبل موجب يا اصل قيمت جي فلوٽنگ ريٽ جو هڪ سيڪڙو ڪيو پيو وڃي. اسٽينڊالون ريڪروٽنگ ايجنٽ جي موجوده شرح 8 سيڪڙو مان گهٽ ڪري 5 سيڪڙو ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔