بحريه ٽائون واقعي تي 22 کان وڌيڪ ڪيسز داخل ڪرڻ خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ بحريه ٽائون واقعي تي 22 کان وڌيڪ ڪيسز داخل ڪرڻ خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي، ڪيسز ۾ جوابدار طور نامزد قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن طرفان درخواست داخل ڪئي وئي هئي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪنهن به واقعي جا هڪ کان وڌيڪ ڪيسز داخل نٿا ٿي سگهن، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جو به واضح حڪم آهي، بحريه ٽائون واقعي تي قانون جي اُبتڙ 22 کان وڌيڪ ڪيسز داخل ڪيا ويا آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ کي بحريه ٽائون ڌرڻي کانپوءِ قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف داخل ڪيسز ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔