سنڌ ۾ جيڪا صورتحال آهي، اهڙي سڄي پاڪستان ۾ ڪٿي به ناهي:سپريم ڪورٽ

ڪراچي: سپريم ڪورٽ چيو آھي تھ سنڌ ۾ جيڪا صورتحال آهي، اهڙي سڄي پاڪستان ۾ ڪٿي به ناهي، پڙهڻ لکڻ جي جاءِ تي گڏهه ٻڌل آهن، سياستدانن کانسواءِ ڪوبه اهڙو ادارو ٻڌايو، جِتي معاملا ٺيڪ هلندا هُجن، هر ادارو پنهنجو ڌار نظام هلائي رهيو آهي، پاڻي ڪراچي تائين نه آندو ويو، پر ڪراچي پاڻي تائين پهچي ويو، خبر پئي آهي ته ڊفينس ۽ ڪلفٽن ۾ خاص ماڻهن کي پاڻي ڏنو وڃي ٿو، ڪراچي جو پاڻي نجي سوسائٽيز کي ڏنو پيو وڃي، سپريم ڪورٽ طرفان ڪراچي ۾ پاڻي جي معاملي تي ٻڌڻي دوران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته پاڻي چوري ٿئي ٿو پر عام ماڻهن کي نٿو ملي، لياري وارو گلاس ڏيکاري ٿو ته اتي ماڻهو ڪارو پاڻي پيئندا آهن، توهان اسان لاءِ ڪجهه نه ڪريو، پر عوام لاءِ ته ڪجهه ڪريو، اي جي صاحب! واٽر بورڊ ڪوبه ڪم نٿو ڪري، پوءِ پگهار ڇا جي کڻن ٿا؟.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔