سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 13 مريض فوت، 479 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ، ڪورونا جا 12382 نمونا چڪاس ڪيا ويا، جن مان 479 نوان ڪيس منظر عام تي آيا ، جڏهن ته 13 مريض فوت ٿي ويا، اهڙي ريت صوبي ۾ فوتين جو انگ وڌي 5256 تي پهتو آهي. اڄ ڪورونا جا وڌيڪ 643 مريض صحتياب ٿيا، جنهن بعد هينئر تائين 300089 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. هن وقت 23301 مريض علاج هيٺ آهن ، جن مان 633 مريضن جي حالت نازڪ ۽ 51 مريض وينٽيليٽر تي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔