ڪراچي سوڌو ٻين شهرن ۾ جاري بدترين لوڊشيڊنگ تي نيپرا جاڳي پئي

اسلام آباد: سنڌ جي دل ڪراچي سوڌو ٻين شهرن ۾ جاري بدترين لوڊشيڊنگ تي نيپرا جاڳي پئي، سنڌ سوڌو ٻين صوبن ۾ بجلي جي بندش جو نوٽيس، نيپرا ڪي اليڪٽرڪ سوڌو بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيز کان وضاحت طلب ڪري ورتي، جاري ٿيل بيان ۾ نيپرا چيو آهي ته بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيز بنا ڪنهن رنڊڪ جي بجلي فراهم ڪرڻ جون پابند آهن، ڪي اليڪٽرڪ جي سربراهن سوڌو سمورن ڊسڪوز کي جمعي تي طلب ڪري ورتو، بجلي جي بندش ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ تي وضاحت ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔