عالمي ميڊيا تي پتو پيو ته حڪومت فضائي اڏا امريڪا کي ڏئي ڇڏيا:مريم نواز

اسلام آباد: پيپلز پارٽي منهنجو هدف ناهي، ساڻن ڪوبه مقابلو ناهي، هاڻي پيپلز پرٽي جي مامري تي سوال ٿيڻ نه گهرجن، پي ڊي ايم ۾ شامل سموريون پارٽيز پهرين گڏجي استعيفيٰ ڏين ها ته فائدو ٿئي ها، نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته بجيٽ بابت حڪمت عملي جو اعلان شهباز شريف ڪندو، پي ڊي ايم ۾ ڪي به اختلاف ناهن، اتحاد ۾ شامل پارٽيز جو نظريو هڪ ئي آهي، جيڪو نواز شريف جو موقف آهي، پي ڊي ايم جي پارٽيز جو اُهو ئي موقف آهي، ملڪ ۾ ادارن کي سياسي انتقام لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، بشير ميمڻ جو بيان شاهدي طور موجود آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته امريڪا کي اڏو ڏيڻ وارو مامرو انتهائي سنجيده آهي، حڪومت مامرو پارليامينٽ ۾ آڻي ۽ پنهنجي ڪرندڙ حڪومت کي بچائڻ لاءِ ڪيل بلنڊر بابت عوام کي آگاهه ڪري، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ شوڪت صديقي خلاف ڪيسز کي عدليه تي حملو سمجهڻ گهرجي، عدليه کان دٻاءُ ۽ ڌمڪين ذريعي فيصلا ڪرائڻ وارو رجحان هاڻي ختم ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔