ننڍي بيمار ڀاءُ تي تشدد ڪري گهلي گاڏي ۾ ويهاريو ويو: ڪوثين قريشي

ڪراچي: جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي ڀاءُ ڪوثين قريشي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل رات وڏي انگ ۾ پوليس اٽالن اسان جي گهر تي چڙهائي ڪئي، جتي جسقم جي مرڪزي قيادت، اسان جا مهمان ۽ گهرڀاتي هئا. هن چيو ته اهلڪارن مرڪزي قيادت ۽ مهمانن کي به جن جو ڪو ڏوهه ڪونه هو، کي تشدد ڪري کنڀي گاڏين ۾ وڌو. ڪوثين چيو ته منهنجي ننڍي ڀاءُ جي ايم قريشي تي به تشدد ڪيو ويو ۽ کيس گهلي گاڏي ۾ ويهاريو، مون مزاحمت ڪري ڀاءُ کي ڇڏايو. ننڍڙو معصوم ڀاءُ اڳ ئي بيمار آهي هن جي گردن جو ٽرانسپلانٽ به ٿيل آهي، هن بيمار سان وڙهي کيس گاڏي ۾ ويهاريو ويو، سڄي وڊيو موجود آهي، جڏهن هنن وڏي ڀاءُ کي اڳ ئي گرفتار ڪري ڇڏيو هو ته ٻيهر چڙهائي جو ڪهڙو جواز هو، اسان سان ايئن سلوڪ ڪيو ويو ڄڻ اسين نڌڻڪا هجون. صنعان سان ملاقات بابت هن ٻڌايو صنعان سنڌ جي ماڻهن جا ٿورا مڃيا جن هڙتال جي سڏ کي ڀرپور موٽ ڏني ۽ مرڪزي قيادت لاءِ نياپو ڏنو ته گرفتار ساٿين جي آزادي لاءِ حڪمت عملي جوري وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔