ٽائيگر شروف ۽ ديشا پٽاني تي ڪيس داخل

ممبئي : بالي ووڊ ايڪشن هيرو ٽائيگر شروف ۽ ديشا پٽاني خلاف ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب ٻئي شام جي وقت ڪار تي گهمي رهيا هئا، ان ئي دوران پوليس کين روڪي پڇا ڳاڇا ڪئي.
گاڏي ۾ ديشا فرنٽ ۽ ٽائيگر بيڪ سيٽ تي موجود هو، جڏهن ته پڇا ڳاڇا دوران اهي پوليس کي منجهند 2 وڳي کانپوءِ گهمڻ ڦرڻ جو ڪو مناسب جواز نه پيش ڪري سگهيا، جيڪا ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي آهي.
رپورٽ موجب ممبئي پوليس ٽائيگر شروف ۽ ديشا پٽاني سميت ٻين خلاف به ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي ڪيس داخل ڪيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔