ڪورونا وگهي فوت ٿي وڃڻ جي شڪ ۾ ساڙيل عورت زنده گهر موٽي آئي

نئين دهلي: ڊاڪٽرن طرفان مرده قرار ڏيڻ کان پوءِ مريض جو ساهه واپس اچڻ جا واقعا ته مختلف وقتن تي ٻڌڻ ۾ ايندا آهن پر آخري رسمون ادا ڪرڻ کان پوءِ به ڪو مرحوم واپس اچي وڃي ته اهو ناممڪن آهي.حقيقت ۾ هڪ اهڙو ئي واقعو ڀارتي شهر آندهرا پرديش ۾ پيش آيو جتي هڪ فيملي ڪورونا وگهي فوت ٿي ويل 75 ساله عورت جون آخري رسمون ادا ڪيون پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ان گهر جي اها عورت زنده سلامت گهر موٽي آئي. ڀارتي ميڊيا موجب عورت کي ڪورونا هاڪاري اچڻ کان پوءِ ڀارت جي سرڪاري اسپتال ۾ 12 مئي تي داخل ڪرايو ويو هو. 15 مئي تي عورت جو مڙس جڏهن کيس ڏسڻ جي لاءِ اسپتال ويو ته خبر پئي ته ان جي گهر واري پنهنجي بيڊ تي موجود نه آهي. جڏهن اسپتال انتظاميه کان عورت جي باري ۾ پڇيو ويو ته انهن ٻڌايو ته عورت کي ٻئي وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.وارڊز ۾ ڳولا ڪرڻ جي باوجود جڏهن ڀارتي شهري کي پنهنجي گهر واري نه ملي ته ان کي اسپتال جي اسٽاف مرده خاني ۾ ڳولا ڪرڻ جو چيو جنهن کان پوءِ ان شخص کي پنهنجي گهر واري سان ملندڙ جلندڙ لاش اسپتال جي مرده خاني ۾ نظر آئي. جنهن کان پوءِ اسپتال انتظاميه عورت کي ان جي گهر واري ٻڌائي مڙهه کي گهر کڻي وڃڻ جي اجازت ڏيندي ڊيٿ سرٽيفڪيٽ به جاري ڪري ڇڏيو پر ان جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ئي هڪ انوکو واقعو پيش آيو ۽ مرده قرار ڏئي ساڙيل عورت گهر واپس موٽي آئي.ميڊِيا رپورٽن موجب اصل ۾ جنهن عورت کي مرده قرار ڏنو ويو اها اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي ۽ ڪورونا مان صحتياب ٿي وئي هئي جنهن کان پوءِ کيس جڏهن ڪير وٺڻ نه آيو ته هو پاڻ گهر هلي وئي جڏهن ته ان جي گهر وارن اسپتال عملي جي غلطي سبب ڪنهن ٻئي جون آخري رسمون ادا ڪيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔