پي ايس ايل ميچز نو جون کان شروع ٿينديون، شيڊول جاري

لاهور: پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) سيزن 6 جا رهيل ميچز 9 جون کان شروع ٿيندا. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) موجب پي ايس ايل سيزن 6 جا بقايا ميچز 9 کان 24 جون تائين ابوظهبي ۾ کيڏيا ويندا.ڪواليفائر ۽ ايليمينٽرين سميت ايونٽ جي دوران 6 ڊبل بينڊرز کيڏيا ويندا. ٽورنامينٽ جا ميچز متحده عرب امارات(يو اي اي) جي وقت موجب رات جو 8 وڳي شروع ٿيندا. ڊبل بيڊرز وارا پهريان ميچ يو اي اي جي وقت موجب شام جو 5 وڳي ٿيندا. جڏهن ته ڊبل بيڊرز وارا ٻيا ميچ رات جو 10 وڳي شروع ٿيندا. ٽورنامينٽ جي رهيل ميچز جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته مارچ 2021 ۾ پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) سيزن 6 کي ڪورونا ڪيسز سبب اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔