ايڪسپو سينٽر ڪراچي،ڪورونا وبا خلاف عوامي خدمت جو شاندار سفر جاري

ڪراچي: ڪورونا وبا کي روڪڻ ۽ ان کان شهرين جي تحفظ لاءِ حڪومت پاران ڀرپور ڪوششون جاري آهن ، ان ئي سلسلي ۾ ڪورونا وائرس کان بچاءَ  لاءِ سڄي ملڪ ۾ ويڪسينيشن جو عمل جاري آهي .

ڪراچي آبادي ۽ پکيڙ جي لحاظ کان ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر آهي ، حڪومت ڪراچي جي ايڪسپو سينٽر ۾ شهر جو سڀ کان وڏو ويڪسينيشن مرڪز قائم ڪيو آهي جتي ڊپٽي هيلٿ سيڪريٽري ڊاڪٽر منظور وساڻ جي سربراهي ۾ 24 ڪلاڪ شهرين جي ويڪسينيشن جو عمل جاري آهي. روزانو ماڻهن جو وڏو انگ هتي اچي ٿو ۽ فائدو وٺي ٿو .

ڊاڪٽر منصور وساڻ

هن مرڪز ۾ ڊاڪٽر منصور وساڻ ۽ سندس ٽيم بهترين انداز ۾ ڏينهن رات عوامي خدمت جي جذبي سان ڪم ڪري رهي آهي ،ايڪسپو سينٽر ۾ ويڪسينيشن جي ڏس ۾ بهترين انتظام ڪيل آهن .

ان حوالي سان وائيس آف سنڌ سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر منصور وساڻ جو چوڻ هو ته عام ماڻهن جي فائدي لاءِ بهترين خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهيون ، هن چيو ته ڪورونا ويڪسين بابت افواهون پکيڙيون پيون وڃن ، اهي سراسر ڪوڙيون ۽ پروپيگنڊه تي ٻڌل آهن ، هو عوام کي صلاح ڏئي ٿو ته اهي اهڙي ڪنهن به افواهه تي ڪن نه ڏين ۽ ڪورونا وبا کان  پاڻ ۽ پنهنجي ڪٽنب کي بچائڻ لاءِ ويڪسين ضرور لڳرائين . ان جا ڪي به سائيڊ افيڪٽس ناهن پر اها مرض کان بچڻ جو موثر هٿيار آهي.

شهريار علي

ٻئي پاسي ان مرڪز جي ڪورپوريٽ ڪنسلٽنٽ ، پي آر ۽ ايونٽ پروفيشنل شهريار احمد ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي جي عوام کي وبا کان بچائڻ لاءِ خدمتن جو سفر جاري رهندو ، هو ماڻهن کي گذارش ڪري ٿو ته اهي جلد از جلد پاڻ کي ويڪسين لڳرائين ، افواهن تي ڪن نه ڏين ، پروپيگنڊه ۾ نه اچن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔