ڀارتي، چيني ۽ روسي ويڪسين لڳرائيندڙ يورپي يونين ۾ داخل نه ٿي سگهندا

برسلز: يورپي يونين روسي، چيني ۽ ڀارتي ڪورونا ويڪسين لڳرائيندڙن کي يورپي يونين ۾ داخلا جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب يورپي يونين طرفان نين سفري هدايتن موجب ڀارتي، چيني ۽ روسي ويڪسين لڳرائيندڙ يورپي يونين ۾ داخل نٿا ٿي سگهن، رڳو يورپي يونين جي تصديق ٿيل ويڪسين لڳرائيندڙن کي سفر جي اجازت هوندي.
يورپي يونين طرفان ڪورونا جي 4 ويڪسينز جي منظوري ڏني وئي آهي، جن جا ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ ڏيکارڻ کانپوءِ ئي ٻين ملڪن مان ايندڙ مسافرن کي يورپي يونين ۾ داخلا جي اجازت ملندي.
يورپي يونين جي تصديق ٿيل ويڪسينز ۾ آمريڪا جي موڊرنا، فائزر، جانسن اينڊ جانسن ۽ برطانيا جي ايسٽرازينيڪا شامل آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔