ڪراچي ۾ رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي، 5جوابدار گرفتار

ڪراچي : ڪراچي جي علائقي پراڻي گوليمار ۾ رينجرز ۽ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪري ڀتي خوري ۽ منشيات وڪري ۾ ملوث 5جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، رينجرز ترجمان موجب، گرفتار جوابدارن ۾ ارسلان عرف مٺو، عرف سنڌي، محمد بلال، اويس عرف پٺاڻ، ضمير ۽ محمد حمزه شامل آهن، رينجرز ترجمان موجب جوابدار ڦر سميت ڏوهن جي 2سئو کان وڌيڪ وارداتن ۾ ملوث آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔