سپريم ڪورٽ بلدياتي ادارن کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پر بلدياتي نمائندن ڪجهه نه ڪيو: چيف جسٽس

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ بلدياتي ادارن بابت پنجاب سرڪار خلاف توهين عدالت جي درخواستن تي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، عدالت ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، درخواستگذرن موقف اختيار ڪيو ته پنجاب حڪومت سپريم ڪورٽ جي 25مارچ واري فيصلي جي توهين ڪئي، بلدياتي نمائندن کي آفيس نه وڃڻ ڏنو ويو، سندن خلاف فوجداري ڪيس ٺاهيا ويا آهن، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته توهان پاڻ توهان پاڻ ڪم ڪرڻ نه ٿا چاهيو، پنجاب حڪومت آفيسز ۾ وڃڻ نه ٿي ڏئي ته ڪنهن جي گهر يا گرائونڊ ۾ اجلاس گُهرائي وٺو ها، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته اجلاس سڏائڻ جي اجازت نه ڏني وئي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ بلدياتي ادارن کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پر بلدياتي نمائندن ڪجهه نه ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔