پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ ڪاروبار

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسيچينج ۾ اج بھ رڪارڊ ڪاروبار ٿيو آھي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسيچينج ۾ اڄ ڪاروبار حجم گذريل ڏينھن جي مقابلي 42 سيڪڙو وڌيڪ رھيو. گذريل ڏينھن ھڪ ارب 56 لک شيئرز جو ڪاروبار 28 ارب روپين ۾ ٿيو ھو، اڄ مجموعي ڪاروباري حجم ۾ 60 سيڪڙو حصھ ٽيڪنالاجي ۽ ڪميونيڪيشن شعبي جو رھيو، بينڪنگ ڪمپنيز جا 17 ڪروڙ شيئرز جا سودا ٿيا. اڄ ڪاروبار جي ماليت 42 ارب 83 ڪروڙ رپيا رھي ۽ مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن اڄ 30 ارب روپيا گھٽ ٿي 8 ھزار 66 ارب ارب رپيا رھي، 100 انڊيڪس جي اڄ بلند ترين سطح47 ھزار 206 رھي جيڪا ڪاروبار جي ختم ٿيڻ تي 21 پوائنٽس گھٽ ٿي 46 ھزار 790 تي بند ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔