سنڌ سرڪار ارسا چيئرمين کي فوري طور هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ سرڪار ارسا چيئرمين کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، صوبائي وزير سيد ناصر شاهه چيو آهي تھ پاڻي جو حق گهرڻ تي ارسا چيئرمين سنڌ جي ميمبر تي تشدد ڪيو، کيس فوري طور تي هٽايو وڃي، هن چيو آهي ته هڪ ته چوري مٿان سينا زوري، هاڻي سر جو جواب پٿر سان ڏينداسين، سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي صوبائي وزير جو چوڻ هو ته ارسا چيئرمين صوبن کي پاڻي تقسيم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي، سنڌ حڪومت پاڻي چوري ٿيڻ تي احتجاج ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني ته نا لائق وزيرن رڙيون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون، هن چيو آهي ته ارسا ڄاڻي واڻي تونسا، پنجند ڪينال کولي سنڌ جي حصي جو پاڻي پنجاب کي ڏنو، ناصر شاهه چيو آهي ته ارسا چيئرمين پنهنجي حد ۾ رهي ۽ سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي فراهم ڪري، سنڌ کي پاڻي نه ملڻ جي ڪري سنڌ جا آبادگار سراپا احتجاج آهن، سيد ناصر شاهه جو چوڻ آهي ته وفاق انصافيون بند ڪري، اسان خيرات نه پيا گهرون، ڇا ارسا چيئرمين عمران خان جي چوڻ آهي ته سنڌ جو پاڻي بند ڪيو آهي، هي سڀ پي ٽي آءِ حڪومت جي چوڻ تي سنڌ سان ظلم ٿي رهيو آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔