خيبر ميل کانپوءِ ، شاليمار ايڪسپريس به هڪ وڏي سانحي کان بچي وئي

سکر: لاهور کان ڪراچي ويندڙ شاليمار ايڪسپريس جو اسپرنگ بوسٽر تيز رفتاري سبب ڪري پيو، ٽنڊو مستي جي ويجهو اسپرنگ بوسٽر ٽريڪ سان رڳڙ کائيندو رهيو، اسپرنگ بوسٽر ڪرڻ بعد ٽرين ٽريڪ تان معجزاڻي نموني ڪرڻ کان بچي وئي. ڊرائيور بر وقت بريڪ لڳائي ٽرين کي وڏي حادثي کان بچائي ورتو، جنهن سبب مسافرن ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو. متاثر اسپرنگ بوسٽر کي الڳ ڪري ٽرين کي منزل ڏانهن روانو ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔