سکر: وڏي وزير سوڌو سنڌ ڪابينا ۽ چيف سيڪريٽري جي پگهاراڃا بند

سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي حڪم تحت وڏي وزير سوڌو سنڌ ڪابينا ۽ چيف سيڪريٽري جي پگهار جاري نه ٿي سگهي، عدالت چيوآهي ته جيستائين رٽائرڊ ملازمن کي پينشن ٿي ڏني وڃي تيستائين ڪابينا جي پگهار بند رهندي، سکر جي عدالت ۾ مارڪيٽ ڪيمٽي جي رٽائرڊ ملازمن جي پينشن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان سلسلي ۾ زراعت وارو سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدار پيش ٿيا، عدالت کي آگاهي ڏيندي زراعت واري سيڪريٽري چيو ته وڏي وزير ملازمن جي پينشن جي گرانٽ منظور ڪئي آهي، عدالت چيو ته جيستائين رٽائرڊ ملازمن کي پينشن نه ملندي تيستائين ڪابينا جي پگهارن بند رهندي، عدالت چيو ته ننڍن ملازمن کي پينشن نه ملندي ته ڪابينا کي پگهار ڪيئين ڏئي سگهجي ٿي، عدالت زراعت واري سيڪريٽري طرفان خاطري ڪرائڻ تي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 5 جولاءِ ملتوي ڪري ڇڏي، واضح رهي ته گذريل ٻڌڻي دوران عدالت وڏي وزير سوڌو سنڌ ڪابينا ۽ چيف سيڪريٽري جي پگهار بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔