ناڪاره بڪتر بند گاڏين جي ڪري اهلڪار شهيد ٿي رهيا آهن: عدالت

سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر چيوآهي ته ڪچي ۾ ڪهڙي قسم جوآپريشن هلي رهيو آهي، پوليس اهلڪار شهيد ٿي رهيا آهن، ڌاڙيل پوليس جي بڪتر بند گاڏين تي قبضا ڪري گاريون ڏئي رهيا آهن، سکر جي عدالت ۾ شهر مان مينهن جي واڙي ڪي ٻاهر منتقل ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ وڪيل چيو ته پوليس آفيسرز ڪچي ۾ آپريشن ۾ مصروف آهن، انهن کي حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي، جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ ريمارڪس ڏنا ته پوليس پنهنجو تحفظ نٿي ڪري سگهي ته عوام جو ڇا تحفظ ڪندي، پوليس کي ناڪاره بڪتر بند گاڏيون ڏنيون پيون وڃ، جن ۾ ويهي اهلڪار شهيد ٿي رهيا آهن، اهڙي حالتن تي اسان کي افسوس ٿي رهيو آهي، وڪيل چيو ته آپريشن ۾ پوليس هاڻي رينجرز جي مدد وٺي رهي آهي، ڌاڙيل بااثر ماڻهنجي بنگلن ۾ ويٺا هوندا آهن، ان تي معزز جج چيو ته پوليس وارا ڌاڙيلن سان مليل هوندا آهن، آپريشن کان اڳ ئي انهن کي خبر پئجي ويندي آهي، وڪيل شبير شر چيو ته آپريشن جي ڪاميابي لاءِ هاڻي پيرن جي مزارن تي چادرچڙهائي وئي آهي، جنهن تي جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ چيو ته پوليس وارا پنهنجي ساٿين سان گڏ دشمني ڪن ٿا…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔