سنڌ يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي ۾ 20هين گريڊ جي پوسٽ تي 12 ڊائريڪٽرز مقرر هجڻ جو انڪشاف

ڪراچي: سنڌ يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي ۾ گهٽ مارڪس کڻڻ باوجود 20هين گريڊ جي پوسٽ تي 12 ڊائريڪٽرز مقرر هجڻ جو انڪشاف، عدالتي حڪم باوجود سنڌ جي يونيورسٽيز ۾ ڊائريڪٽر فنانس جي اهم عهدن تي مقرر ڪامورن کي نه هٽايو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي طرفان 2019ع ۾ يونيورسٽيز اندر ڊائريڪٽر فنانس جي عهدي تي ٽن ڀرتين لاءِ 50 سيڪڙو مارڪس جا شرط رکيا ويا هئا، آءِ بي اي ڪراچي تحت ٽيسٽ دوران 50 سيڪڙو گهٽ مارڪس کڻڻ باوجود من پسند اُميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو، گهٽ مارڪس کڻڻ باوجود سنڌ يونيورسٽي ۾ سيد زين العابدين شاهه، زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ انيل ڪمار، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ نثار نوناري، لمس ڄامشورو ۾ نديم شڪور، سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي ۾ آفتاب خان ۽ پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ حفيظ صديقي مقرر ٿيل آھي، جڏھن تھ 45 مارڪون کڻندڙ منير سيهڙ شهيد بينظير وٽنري يونيورسٽي سڪرنڊ، 44 مارڪون کڻندڙ عامر بشير شهيد بينظير ڀٽو لا يونيورسٽي ڪراچي ۽ 48 مارڪون کڻندڙ شيخ محمد شبير دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪراچي ۾ ڊائريڪٽر فنانس طور ٽن سالن جي مدي لاءِ مقرر ٿيل آهن، 47 مارڪون کڻندڙ شعيد محمد شيخ آءِ بي اي سکر ۾ ٽريزرر واري عهدي تي مقرر ٿيل آھي، عدالت پاران حڪم ڏنو ويو هو ته اشتهار ۾ ڏنل شرطن موجب 50 سيڪڙو تائين مارڪون کڻندڙن کي ئي ڀرتي ڪيو وڃي پر سنڌ حڪومت عدالتي حڪمن جي لتاڙ ڪندي ڄاڻايل گھٽ مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي مقرر ڪرڻ بعد هٽايو ئي ناهي ويو، متاثر اميدوار موجب هاءِ ڪورٽ جي حڪم بعد سنڌ سرڪار سپريم ڪورٽ ۾ به اپيل داخل ڪرائي هئي پر سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔