شهباز شريف طرفان پيپلز پارٽي کي پي ڊي ايم ۾ ٻيهر شامل ٿيڻ جي دعوت تي نواز ليگ ورهائجي وئي

لاھور: اپوزيشن ليڊر شهباز شريف طرفان پيپلز پارٽي کي پي ڊي ايم ۾ ٻيهر شامل ٿيڻ جي دعوت تي نواز ليگ ورهائجي وئي، نواز ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي پ پ جي واپسي تي پي ڊي ايم جو سيڪريٽري جنرل وارو عهدو ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پ پ کي دعوت تي خدشا ظاهر ڪندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي پهرين اعتماد بحال ڪن، اُن بعد پي ڊي ايم ۾ واپس اچن، سينيٽ چونڊن جي مامري تي خدشا برقرار آهن، پيپلزپارٽي اپوزيشن جي اتحاد جو ٻيهر حصو ٿي ته پي ڊي ايم پنهنجو نئون سيڪريٽري جنرل ڳولي، اصولن تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي، جيڪو نوٽيس ڦاڙيو ويو، اُهو ٻيهر جوڙيو پڙهيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔