اٽلي ۾ ڪيبل ڪار حادثو، 14 ڄڻا فوت

روم : اٽلي ۾ ڪيبل ڪار حادثي ۾ هڪ ٻار سميت 14 ڄڻا فوت ٿي ويا.
حادثي جو شڪار ڪيبل ڪار اٽلي جي اتر جابلو علائقي ۾ 2016 ۾ تعمير ڪئي وئي هئي ۽ اها ماجوري ڍنڍ ڪناري تي موجود سياحتي هنڌ اسٽريسا کان مانتي متارون نالي جبل جي 1500 ميٽر اوچي چوٽي تائين ويندي آهي.
حادثي ۾ ٻه ٻارڙا سخت زخمي پڻ ٿيا، جيڪي علاج هيٺ آهن، جڏهن ته اطالوي ايمرجنسي سروسز فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو ڏيکاريو آهي.
حادثي جا سبب اڃا تائين واضح ناهن، جڏهنت ته اطالوي صدر سرجيو ماتاريلا ۽ وزيراعظم ماريو دراگي حادثي تي گهري افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔