شاهد آفريدي ۽ نسيم شاهه پي ايس ايل کان ٻاهر

پاڪستان سپر ليگ ۾ ملتان سلطانز جي نمائندگي ڪندڙ اسٽار آل رائونڊر شاهد آفريدي انجري سبب ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جو فاسٽ بالر نسيم شاهه ڪورونا پروٽوڪولز جي ڀڃڪڙي تي ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويا آهن.
اڳوڻو ڪپتان شاهد آفريدي پي ايس ايل 6 جي رهيل ميچن جي سلسلي ۾ ڪراچي ۾ ٽريننگ ڪري رهيو هو ته هن پنهنجي چيلهه جي هيٺئين حصي ۾ تڪليف محسوس ڪئي، جنهن کانپوءِ ڊاڪٽرن جائزو وٺي کيس ڪجهه هفتن لاءِ آرام جي صلاح ڏني آهي، جنهن سبب هو ابوظهبي ۾ شيڊيول پي ايس ايل جي رهيل ميچن ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو.
هوڏانهن فاسٽ بالر نسيم شاهه به پي ايس ايل جي رهيل ميچن ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي نمائندگي نه ڪري سگهندو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب پي ايس ايل 6 جي رهيل ميچن لاءِ ڪورونا پروٽوڪولز تحت ڪراچي ۽ لاهور مان چارٽر فلائيٽ ذريعي ابوظهبي روانو ٿيندڙ مسافرن کي 24 مئي تي لاهور ۽ ڪراچي جي ٽيم هوٽلز ۾ داخل ٿيندي وڌ کان وڌ 48 ڪلاڪ اڳ پنهنجي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ جمع ڪرائڻي هئي پر نسيم شاهه 18 مئي تي ڪرايل ڪورونا ٽيسٽ جي رپورٽ جمع ڪرائي.
بورڊ ٻڌايو آهي ته پراڻي رپورٽ جمع ڪرائڻ تي نسيم شاهه کي هوٽل جي ڌار ماڙ تي آئسوليشن ۾ رکيو ويو، جنهن کانپوءِ پي ايس ايل لاءِ 3 رڪني آزاد ميڊيڪل ايڊوائزري پئنل جي سفارشن تي کيس رليز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔