مزاحيا اداڪار رنگيلا کي پنهنجي پيارن کان وڇڙي 15 ورهيا ٿي ويا

ڪراچي: برجستا جملن ۽ منفرد اداڪاري سان ماڻهن کي کلائي کلائي کيرو ڪندڙ ورسٽائل فنڪار رنگيلا کي پنهنجي پيارن کان وڇڙي 16 سال ٿي ويا آهن .

محمد سعيد خان عرف رنگيلا 1937 ع ۾ افغانستان ۾جنم ورتو ۽ شروعاتي عمر ۾ ئي والدين سان گڏ پاڪستان آيو هو.

رنگيلا پنهنجي عملي زندگي جي شروعات باڊي بلڊر طور ڪئي ۽ معاشي گذاري لاءِ فلمن جا بورڊ به پينٽ ڪيا .

هن منفرد مزاحيا اداڪار پنهنجي فني زندگي جي شروعات 1958 ۾ ٺهندڙ فلم ”جٽي “ سان ڪيو فلم الفت ۾ به هن بي مثال اداڪاري ڪئي ۽ ان فلم ۾ هن جي تڪيي ڪلام ”اتفاق سي “ کيس شهرت جي بلندين تائين پهچائي ڇڏيو.

مزاحيا ، ڏکارو يا رومانوي جيڪو به ڪردار مليو ، رنگيلا هر روپ ۾ پاڻ کي نهايت سهڻي نموني سان ان ڪردار ۾ فٽ ڪيو.

هدايتڪار، فلم ساز ۽ گلوڪار طور به هن پنهنجي صلاحيتن کي چڱيءَ ريت مڃايو هو .

رنگيلا پنهنجي دور جي مڙني ناليوارين هيروئينين سان ڪم ڪيو ، چاهيندڙن مزاح کي هڪ نئون رنگ ڏيڻ تي سعيد خان کي رنگيلا جو لقب ڏنو .

400 کان وڌيڪ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ هن فنڪار کي پرائيڊ آف پرفارمنس ، 9 ڀيرا نگار ايوارڊ ۽ ٻين ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي .

رنگيلا  پاڪستان جي فلم انڊسٽري تي اڻ مٽ نقش ڇڏيا ، سندس ذڪر ڪرڻ کان سواءِ  پاڪستان فلم انڊسٽري جي تاريخ اڻ پوري لڳندي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔