احساس پروگرام جي ڪاميابي ان جي شفافيت آهي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته احساس پروگرام جي ڪاميابي ان جي شفافيت آهي .

وزيراعظم عمران خان احساس سيونگ والٽس پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي چيوته سڄي دنيا ۾ وڏو حصو غربت جي لڪير کان هيٺ هليو ويو آهي ، ڪرونا دوران احساس پروگرام دنيا جو چوٿون وڏو ڪامياب پروگرام سمجهيو ويو.

هن چيو ته احساس پروگرام جي ٽيم کي بهترين ڪارڪردگي تي هو ڀيٽا پيش ڪري ٿو، ڪورونا جي ڪري غريب ملڪ گهڻو متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته لاڪ ڊائون سبب ڏهاڙي دار ۽ مزدور طبقو گهڻو متاثر ٿيو.

وزيراعظم عمران خان چيو ته احساس پروگرام تحت مستحق طبقي جي مدد ڪئي وئي ۽ اسان جي 25 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ آهي .

هن چيو ته عورتن کي فنانشل سسٽم ۾ آڻڻ سان غربت تيزي سان گهٽ ٿيندي آهي ۽ جيڪڏهن اسان احساس پروگرام تيزي سان نه هلايون ها ته ڪمزور طبقي کي وڌيڪ نقصان پهچي ها .

عمران خان چيو ته ڪمزور طبقي کي نظر انداز ڪندڙ ملڪ ڪڏهن به ترقي نه ٿو ڪري سگهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔