سعودي عرب ۾ هٿ آيل ناياب ڪميون علاج بعد صحتياب

سعودي عرب ۾ هٿ آيل ناياب ڪميون علاج بعد صحتياب ٿي ويا، جلد ئي واپس سمنڊ ۾ ڇڏيا ويندا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سعودي عرب جي شهر جدهه ۾ هلندڙ سال 2 اپريل تي هڪ تعميراتي ٽيم کي 2 ناياب ڪميون هٿ آيا هئا، ٻئي ڪميون پنهنجي فطري ماحول مان نڪرڻ سبب معذور ٿي ويا هئا ۽ اهي پاڻي ۾ وڃڻ جي صلاحيت وڃائي چڪا هئا. تعميراتي ڪمپني پاران ريڊ سي ڪمپني ۾ ناياب سامونڊي جانورن جوعلاج ڪندڙڊاڪٽرن کي اطلاع ڏنوويو، جنهن بعد ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم پهچي انهن ڪميون جو معائنو ڪري علاج شروع ڪيو، ڊاڪٽرن لاڳيتو 6 هفتا سندن علاج جاري رکيو جنهن بعد ٻئي ڪميون هاڻي ٺيڪ ٿي ويا آهن. ان حوالي سان ڪمپني جي صحت ۽ سلامتي واري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر خالد الدهلوي جو چوڻ آهي ته ٻئي ڪميون پاڻي ۾ وڃڻ کان قاصر هئا پر هاڻي ٺيڪ آهن. هن ٻڌايو ته ٻئي ڪميون انتهائي ناياب قسم جا آهن انڪري سندن زندگي بچائڻ اسان جو مشن هو. ڊاڪٽرخالد موجب ڪميون کي بچائڻ لاءِ اميد ۽ زندگي نالي اسڪيم شروع ڪئي وئي، جيڪا ڪامياب ٿي وئي. هن چيو ته اسڪيم ڪامياب ٿيڻ بعد انهن ڪمين کي هاڻي جلد ئي واپس سمنڊ ۾ ڇڏيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔